شيخ عبدالقادر ڪدڪ

شيخ، عبدالقادر، ڪدڪ: سنڌ جي نامور عالم ۽ محدث شيخ محمد حيات السنڌيءَ جي هن شاگرد ۽ عربيءَ جي نامور اديب، شيخ عبدالقادر بن خليل ڪدڪ زاده، 1140هه/ 1727ع ڌاري مدينه منوره ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل روم جا رهاڪو هئا، جتان لڏي حجاز ۾ اچي رهيا. هن جو لقب ‘زين الدين’ ۽ تخلص ‘ڪدڪ’ هو، اڳتي هلي تخلص سان مقبول ٿيو. هن مديني ۾ شيخ محمد حيات سنڌي، شيخ شمس حنفي، شيخ حسن ڪوراني سميت ٻين ڪيترن ئي وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي ۽ سندن صحبتي رهيو. تعليم پرائڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو مسجد نبويءَ ۾ خطيب رهيو ۽ ان کانپوءِ زندگيءَ جو گهڻو عرصو يمن جي شهر زبيد ۾ گذاريائين. حديث گڏ ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيائين. پاڻ حديثون سهيڙي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان: (1) المطرف المحرب الجامع لاهل المشرق والمغرب، (2) السرالمؤتمن في شرح الرحلة الي اليمن، (3) ڪيدءَ الصروف عن اهل المعروف تمام گهڻو مقبول آهن. هن ڪجهه شعر به لکيا هئا. هن مديني منوره ۾ وفات ڪئي. کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو